ميرانشاهه – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ خوشحالي جي چاٻي آ??ي ۽ حڪومت فاٽا جي عوام ج?? خواهشن موجب ان تي ڪم ڪري رهي آ??ي. آء?? ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ا??ر وزيرستان ايجنسي جي علائقن ميرانشاهه ۽ غلام خان جو دورو ڪيو. ميرانشاهه پهچڻ تي وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي جن امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون. وزيراعظم پاڪستان آرمي انجنيئرن پاران نئين تعمير ٿيل ميرانشاهه مارڪيٽ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا