ڪويت سٽي – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شر??ف چيو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي ۽ سازگار ماحول موجود آهي ۽ ڪويت جي واپاري برادري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪري ره?? آهي. هن اها ڳالهه ڪويت جي ببيان پيلس ۾ ڪويت چيمبر آف ڪا??رس جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي. اهم اقتصادي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ??يو ته موجوده حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ معيشت بحال ٿ?? آهي، ناليوارن عالمي ادارن ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، جي ڊي پي گروٿ، گهٽ ناڻي واڌ جي شرح ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي نئين بلندين ۾ پاڪستان جي زبردست ڪاميابين کي ساراهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن