اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف لائين آف ڪنٽرو?? تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هروڀرو جي جارحيت ۽ والا??يل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ اهم فيصلا ڪي?? آهن جنهن تحت وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ اڱاري تي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي ٿيندو. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن طلب ڪيو آهي جنهن ۾ والا??يل ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال ايجنڊا ۾ سر فهرست هوندي. ان کانسواءِ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي پنهنجي دوري ۽ نيويارڪ ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ تعميري ملاقاتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحا?? تي غور ڪندو ته جيئن وزيراعظم جي دوري جي فائدن کي سگهه ڏئي س??هج??.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ