عمان – 26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي انروا سان سهڪار ج??ري رکيو ويندو. سيڪريٽري جنرل انروا تي ??ڳاتار اسرائيلي الزامن ۽ حملن کان پوءِ ان اد??ري جي حوالي سان اردن جي گادي و??ري هنڌ عمان ۾ پريس ڪانفرنس ۾ انهن ملڪن کان مطالبو ڪيو جن انروا جي فنڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي ??ٽي وڃن. هن عمان ۾ واقع وحدت مهاجر ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي اد??ري جي سربراهه چيو ته انروا نهايت ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اد??ري خلاف الزامن جي جاچ ج??ري آهي ۽ انروا جي مالي سهڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه مل??ن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انروا کي ٻيهر مالي سهڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهرين جي زندگي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم رستو آهي ۽ اسان ان کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون ج??ري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : رومن دولت