تربت – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ک?? اقتدار تائين پهچڻ جو واحد رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ سنجيده قيادت جي ضرورت هوندي آهي، ڪجهه ماڻهو نوجوانن ۾ بيچيني پيدا ڪر?? اقتدار تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهڙا ماڻهو نه رڳو پنهنجو چهرو پر معاشري کي به گندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جن جو ڪم ڪچرو اڇلائڻ هجي اهي قوم جي تعمير نه ٿا ڪري سگهن. 448 ڪلوميٽر ڊگهي اين 85 سوراب هوشاب رستي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ ال??ه خان زهري، بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، ترقي ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ??يف??ان وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، سينيٽر حاصل بزنجو کانسواءِ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ عامر رياض، ڊي جي ايف ڊبليو او ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل پڻ موجود هئا.
عوام جي خدمت اقتدار تائين پهچڻ جو واحد رستو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea