عمان – 08 مارچ (اي ??ي پي) رائل ار??ني فضائيه جي جهازن اتر غزه جي پٽي جي ڪيترن ئي هنڌن تي انساني امداد جا 9 نوان ايئي ڊراپ ڪيا آهن. جن ۾ آمريڪا، فرانس، بيلجيئم، ڊنمارڪ ۽ مصري جهازن شرڪت ڪئي. العربيا ار??و مطابق ار??ن جي فوج طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو قدم ار??ن جي جاري ڪوششن ۽ غزه جي پٽي ?? ماڻهن لاءِ طبي، امدادي ۽ خوراڪ موڪلڻ جي ڪوششن تحت کنيو ويو آهي، جنهن جو مقصد جنگ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن وضاحت ڪئي ته غزه جنگ جي شروعات کانپوءِ ار??ني فوج ڀائر ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان (اردن) جي هٿياربندن فوج طرفان ڪيل 23 ايئر ڊراپس کان علاوه 29 ار??ني ايئر ڊراپس پڻ انجام ڏنا آهن. جن ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ برطانيا ح??و ورتو. آمريڪي فوج چيو آهي ته سي-130 ڪارگو جهازن گذريل ڏينهن غزه جي پٽي ۾ فضا مان امداد ڪيرائي. اها ار??ن سان آمريڪي فوج جو ٽيون ايئرڊراپ آپريشن آهي. يو ايس سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سوشل ميڊيا تي اطلاع ڏنو ته آمريڪي سي-130 جهاز اتر غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪندڙ 38 هزار کان وڌيڪ خوراڪ جا پيڪيٽ ڪيرايا ته جيئن جنگ سبب متاثر شهرين کي ضروري امداد تائين پهچ حاصل ٿي سگهي.
ڇهن ملڪن جي جهازن جو اتر غزه ۾ ايئر ڊراپ آپريشن
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo