گڏيل قومون-20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ا??تو??يوگوتريس نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پُرتشدد ڪارروايون فوري طور تي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سيڪريٽري جنرل جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري جنرل کي خطي ۾ فوجي طاقت جي استعمال ۽ شهري آبادي سميت فوتگين جي رپورٽن تي انتهائي ڳڻتي آهي، ??يڪريٽري جنرل ويڙهه جي ??وري خاتمي، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ 2020ع جي جنگ بندي جي ??عاهدي جي سختي سان پابندي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن امدادي ادارن جي ??تاثر ماڻهن تائين فوري رسائي جو مطالبو به ڪيو ۽ چيو ته ڌريون اعتماد سازي ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي واري امن جي ??يام ۾ مدد لاءِ ڪوششون تي ٻيهر ڌيان ڏين. روسي ميڊيا جي ذريعن موجب روس ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو رتوڇاڻ بند ڪري سياسي ۽ سفارتي حل جو رستو اخ??يار ڪن. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن آذربائيجان طرفان نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي واري صوبي خلاف جاري قدمن کي فوري روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ يورپي يونين ۽ آمريڪا انهن قدمن جي ??ذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل