گڏيل قومون -01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خيبر پختونخوا صوبي جي علائقي باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. گڏيل قومن جي نائب ترجمان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس بريفنگ دوران چيو ته انتونيو گوتريش پا??ست??ن ۾ ٿيل آپگهاتي حملي دوران مسافر ڪٽنبن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پا??ست??ني اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته ان واقعي ۾ ملوث فردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هوڏانهن گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل به باجوڙ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste