اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري، بار ايسوسيئيشنز سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ بار ايسوسيئيشن جي ڪردار جي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪ??دار ادا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري کي پنهنجو ڪ??دار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ايسوسيئيشنز کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس ??لد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري ف??اد حسين چيو ته وڪيل برادري جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر مم??ن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن کي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.
قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی