اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪس??ان ۾ ويهي پاڪس??ان ۽ فوج جي خلاف ٽرينڊز هلائيندڙ ۽ ان جو دفاع ڪندڙ اڄ افغانس??ان جي صورتحال کان اکيون ڦيرائي رهيا آهن، عوام تڏهن محفوظ هوندي آهي جڏ??ن ادارا مضبوط هجن، اسان کي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرج?? ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا تسبيح جهڙي ترتيب ۾ اسان جي چوڌاري قلعو بڻائي بيٺل آهن، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانس??ان جا حڪمران ڏهاڪن تائين ملڪ کي لُٽيو، وسيلا ادارا ٺاهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو نتيجو آه?? ته اڄ ان جو دفاعي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اسان کي آزادي جو قدر ۽ ملڪ جي اهميت سان روشناس رهڻ گهرجي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان هوشيار به رهڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت