اسلام ??باد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلامي جمهوري پاڪستان جي ”آزادي جي ڏهاڙي“ تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون آهن، هن قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته اڄ پوري قوم 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏهاڙو نئين جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، اسان کي يقين رکڻ گهرجي ته اسان جو آزادي جو ڏهاڙو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي اس??حڪ??م جي خوشبري کڻي ايندو. هن چي?? ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ عالمي وبا گهيري رکيو آهي جنهن جي ڪري سمورن ملڪن جي معيشت، اقتصاديات، تعليم، صحت سميت سمورا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن، هن چي?? ته ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ احتياط سميت حفاظتي قدم ضروري آهن. موجوده حڪومت ان موذي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي.
سينيٽ چيئرمين پاران آزادي جي ڏهاڙي جون ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪون
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج