اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انص??ف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلا??ي جي کٽڻ جي دعويٰ ڪهڙي بنياد تي ڪري ??هي آه??، عوامي نمائندن جي چونڊ لاءِ پئسي جو استعمال ٿيو ته اها ايندڙ نسلن سان زيادتي هوندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پئسي جي زور تي اليڪشن وڙهڻ چاهين ٿيون، ووٽ جي خريداري پاڪستان جي سياست کي تباهه ڪيو، پي ٽي آءِ ان ڪلچر کي ختم ڪندي، شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ووٽ جي خريد ۽ وڪري پاڪستان ۾ سياست کي تباهه ڪيو، پئسي جي زور تي ايندڙ عوام جا حقيقي نمائندا نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته معاشري مان ڪرپشن جو خاتمو ٿئي، پيپلزپارٽي ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي نظريي جي خلاف ڪم ڪري ??هي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صورت ۾ پاڪستان کي هڪ اهڙو اڳواڻ مليو جنهن صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رضا رباني بينظير ڀٽو جي ميثاق جمهوريت جي خل??ف موقف اختيار ڪيو ۽ ميثاق جمهوريت کي رديءَ جي ٽوڪري ?? اڇلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وٽ پنهنجو اميدوار کٽرائڻ لاءِ گهربل انگ نه آهي ته اها ڪهڙي بنياد تي يوسف رضا گيلا??ي جي کٽڻ جي دعويٰ ڪري ??هي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪرپشن سياسي خريد ۽ وڪري ?? استعمال ٿي ??هي آهي، اليڪشن ڪميشن پهريون ڀيرو مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار طريقي سان ڪم ڪري ??هي آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2013ع ۾ به جدوجهد ڪئي، حڪومت اهڙو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿي جنهن تي هر ڪو هلي سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي موقف تي مضبوطي سان بيٺل آه??، عوامي نمائندن جي چونڊ ۾ پئسي جو استعمال ٿيو ته اها ايندڙ نسلن سان زيادتي هوندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلا??ي جي کٽڻ جي دعويٰ ڪري ??هي آهي، پيپلزپارٽي ڪرپشن سان ڦريل دولت جي خزا??ي جا منهن کولي ڇڏيا آهن ۽ ٻوليون لڳي رهيون آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ صاف سٿري سياست جو بنياد رکيو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں