اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آهي، هندستان پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا چار وڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برا??ري سان نائين اليون کانپوءِ تمام وڏو ظلم ٿيو آهي، هزاره برا??ري مڇ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئيٽا ايندس، مڇ سانحي ج?? متاثرين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، لاشن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سان جوڙڻ جو شرط مناسب نه آهي، اهڙي طرح ڪرپشن ڪندڙ داڙيلن جو ٽولو به بليڪ ميل ڪندو، آءِ ٽي ج?? شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي ج?? ذخيرن ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. هو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ج?? قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں