اسلام آباد – 27 آ??ٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سم??ت سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان ??الهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان ??چن کي ورجائڻ سان ??لهايو ويو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. 27 آ??ٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ته ميڊيا جي ذريعي سڄي دنيا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل قومن جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي کي روڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔