اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل دل ڪش سياحتي ماڳن ۽ ملڪي سياحتي صلاحيت کي مڪمل ??ور استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي سياحت جي حوالي سان حڪومتي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ سياحت بابت اعليٰ سطحي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سياحت بابت اعليٰ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي خاص مددگار پرڏيهي پاڪستانيز اينڊ هيومن ريسوس ڊولپمينٽ (ب??ور ڪنوينر)، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، گهرو وزارت، دفاع واري وزارت، مواصلات واري وزارت، هوابازي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ما??ولياتي تبديلي واري وزارت جا سيڪريٽريز ي?? انهن جا نمائندا (جيڪي گري?? 21 ??ان گهٽ نه هجن)، سمورا چيف سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري، اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پاڪستان ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر تي مشتمل هوندي.
وزيراعظم سياحت بابت اعليٰ سطحي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش