اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدمن جو فيصلو ڪيو آهي، سرندي وارن ماڻهن کي پنهنجي حصي جو بار کڻڻو پوندو، ٽيڪس چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائ??ن ڪيو ويندو، وزيراعظم، ڪابينا جي ميمبرن، گورنرن، وڏن وزيرن جي پگهارن ۽ مراعتن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي ويندي، ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پاليسي سڌارا آندا ويندا. هو قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي (ترميمي) بل 2018ع پيش ڪرڻ ??ان??وءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس