اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين انتهاپسن??ي جي روڪٿام ۽ دهشتگر??ي جي خاتمي لاءِ قوم جي متفقه بيانو ”پيغام پاڪستان“ جاري ڪندي چيو آهي ته قرآن ۽ سنت ج?? روشني ۾ جوڙيل پاڪستان جو آئين ئي اسان جو بنيادي بيانو آهي جڏهن ت?? عالمن جي فتويٰ ان جي وضاحت ۽ تائيد ڪري ٿي جنهن سان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ انٽرنيشنل اسلاملڪ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ متفقه قومي بياني جي حوالي سان شايع ٿيندڙ ڪتاب ”پيغام پاڪستان“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چئي جنهن ۾ 18 سئو کان وڌيڪ عالم سڳورن جو متفقه فتويٰ شايع ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ دهشتگردي، رتوڇاڻ ۽ خودڪش حملن کي حرام قرا?? ڏنو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز