اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس سيف چين جي شهر شنگهائي ۾ منعقد پنجين پاڪ چين سامونڊي گڏيل مشقن ۾ شرڪت ڪئي. شنگهائي جي بندرگاهه ووسانگ پهچڻ تي چيني بحريه جي جهاز جنگ زو پي اين ايس سيف ??ي آجيان ڪئي. ان مو??عي تي هڪ پروقار آجياڻي واري تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شنگهائي نيول بيس جا اعليٰ عملدار ۽ پاڪستا?? جو دفاعي نيول اتاشي پڻ موجود هو. پاڪ بحريه پاران جاري بيان موجب بندرگاهه تي رهڻ دوران پي اين ايس سيف جي ڪمانڊنگ آفيسر اعليٰ عسڪري ۽ سول شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ شنگهائي جو ميئر يوفيي فين ۽ شنگهائي نيول بيس جو ڪانڊر ريئر ايڊم??ل جيان وانگ شامل هو.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔