واشنگٽن-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نائب صدر ڪمل?? هيرس وچ ۾ پهرين مباحثي ۾ معيشت، اميگريشن ۽ اڳوڻي صدر کي درپيش قانوني مونجهارن ??ي زبردست بحث ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪمل?? هيرس ۾ رياست پنسلوانيا ۾ پهريون صدارتي مباحثو ٿيو جيڪو 90 منٽن تائين جاري رهيو. ڪمل?? هيرس سخت تنقيد جو سلسلو جاري رکيو، جنهن ڊونلڊ ٽرمپ کي پريشاني جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ ظاهر ۾ مشتعل نظر ايندڙ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جواب ۾ پنهنجي مخالف خلاف ڪوڙ تي ٻڌل بيان ڏنا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس ريليون سڀ کان وڏيون ۽ سياست جي تاريخ جون سڀ کان غير معمولي ريليون آهن، ان موقعي تي ڪمل?? هيرس پنهنجي ڳالهه اهو چوندي شروع ڪئي ته ان کي چوندا آهن ته انتها. ڪمل?? هيرس هڪ پورن ??سٽار کي پئسا ڏيڻ سميت ٻين ڪيسن تي ڊونلڊ ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو، ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن به ڏوهه جو مرتڪب ٿيڻ جي ترديد ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمل?? هيرس ۽ ڊيموڪريٽس تي الزام لاڳو ڪيو ته هن ثبوتن کانسواءِ انهن خلاف سمورا ڪيس ٺاهيا، صدارتي اميدوارن وچ ۾ بحث جي شروعات معيشت بابت سوال تي ٿي ۽ اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن جي حوالي سان پولز ٽرمپ جي حق ۾ آهن. ڪمل?? هيرس ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهي شين تي وڌ کان وڌ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ارادي تي تنقيد ڪندي چيو ته ٽرمپ اسان جي لاءِ بدترين بيروزگاري ڇڏي. ڊونلڊ ٽرمپ، بائيڊن انتظاميه جي مدي دوران ناڻي واڌ ۾ مسلسل اضافي تي ڪمل?? هيرس کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان دوران هو مهانگائي جي شرح کي وڌائي پيش ڪندو رهيو. هن پنهنجي سر اميگريشن جي حوالي سان ڳالهائيندي بنا ثبوت جي هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته پرڏيهي ميسڪسيڪو سان گڏ آمريڪي ڏاکڻي سرحد پار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مهانگائي ماڻهن لاءِ، وچولي طبقي لاءِ، هر طبقي لاءِ تباهي بڻيل آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته ڪمل?? هيرس ۽ ڊيموڪريٽس ٻارن ??ي قتل جي حمايت ڪن ٿا، جنهن تي ڪمل?? هيرس چيو ته جيئن ته مون چيو هو ته اوهان کي ڪوڙ تي ڪوڙ ٻڌڻ لاءِ ملندا، صدارتي اميدوارن ??زه جنگ ۽ يوڪرين تي روسي حملي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيتوڻيڪ ٻنهي مان ڪنهن به واضح نه ڪيو ته اهو تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪيئن ڪوشش ڪندا. ڪمل?? هيرس ٽرمپ تي الزام لڳايو ته هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي حمايت لاءِ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت ختم ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ڪمل?? هيرس اسرائيل سان نفرت ڪري ٿي تنهن هوندي به ڪمل?? هيرس ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
صدارتي مباحثو: ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جا هڪٻئي تي الزام
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا