ڍاڪا -02 آڪٽوبر (اي پي پي) ب??گل??ديش جي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائي??دي قانون واري وزير بڌايو ته حڪومت سندس پرڏيهه وڃڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ جيل مان آزادي جي ايگزيڪيوٽو آرڊر کي?? سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ طبي سار سنڀال لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا جي ب??گل??ديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي وڪيل قيصر ڪمال حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪ??دي چيو ته 78 ورهين جي پيرسن اڳوڻي وزيراعظم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ سياسي انتقام آهي، جنوري جي پڇاڙي ۾ ب??گل??ديش ۾ عام چونڊون ٿينديون، ڪيترن ئي اولهه جي حڪومتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ملڪ ۾ سياسي ماحول تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. 2008ع ۾ خالده ضيا کي ڪرپشن جي الزام ۾ 17 سال قيد جي سزا ٿي هئي. گهر ۾ نظربند ٿيڻ کان اڳ هن 2 سال جيل ۾ به ??ذاريا، هن پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي رد ڪيو هو. اڳوڻي وزيراعظم جي ڊاڪٽر چيو آهي، ته آگسٽ کان وٺي خالده ضيا جگر جي بيماري، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ شگر جي ڪري اسپتال داخل آهي. کي?? دل جي بيماري، سنڌن ۽ گوڏن ۾ پڻ تڪليف آهي. گذريل مهيني خالده ضيا ج?? ڪٽنب حڪومت کي خط لکيو هو جنهن ۾ علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اپيل ڪئي هئي.
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي پرڏيهه ۾ علاج لاءِ وڃڻ کان روڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری