اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انتشاري ٽولي جي ويندي ئي مثبت رجحان واپس آيو، ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪ??ششون ڪري رهيا آهن، انه?? کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم ان سنگ ميل کي عبور ڪرڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مصروف عمل عملدار?? کي خراج تحسين ڪندي چيو ته مُون پنهنجي قوم سان وچن ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس. هن چيو ته پاڪستا?? کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي قرباني ضايع نه وئي. وزيرا??ظم چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪ??شش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، وياج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽاسٽا جو ناڻ?? رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، وزيرا??ظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ائين ئي محنت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمن?? کي پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا