اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته شنگهائي تعا??ن تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ علائقائي رابطن، واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي خوشحالي جي فروغ جي لا??ِ تنظيم جي مستقبل جي رهنمائي جي لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا ۽ دستاويز منظور ڪيا ويا آهن. شنگهائي تعا??ن تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ سان گڏ ڪائونسل آف دي هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) شنگهائي تعا??ن تنظيم سربراهه اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ميمبر ملڪن جي 23هين سي ايڇ جي شنگهائي تعا??ن تنظيم اجلاس جو انعقاد ۽ ميزباني ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هو ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جي تعميري تعا??ن تي انهن جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته سي ايڇ جي شنگهائي تعا??ن تنظيم جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي جنهن ۾ رابطن ۾ اضافي، غربت جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي وغيره شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي ان سلسلي ۾ خطي جي ميمبر ملڪن سان تعاون ??اري چڪو آهي ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري هاڻي تعاون جي ڪيترن ئي شعبن جي منظوري ڏني وئي آهي جن ۾ معيشت، واپاري تنظيم، تخليقي معيشت جي ترقي ۽ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبرن جي وچ ۾ نئين معيشت جي مڪالمي جا تصور شامل آهن. سي ايڇ جي شنگهائي تعا??ن تنظيم پاڪستان جي پرسڪون ۽ پرامن گادي واري شهر ۾ پڄاڻي تي پهتو جيڪو مارگلا جي دامن ۾ واقع آهي. پاڪستان ان عالمي تقريب جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جن معيشت، امن ۽ استحڪام کي درپيش تازي عالمي چئلينجن جي پس منظر تي غور فڪر ڪيو. شنگهائي تعا??ن تنظيم دنيا جي آبادي، جاگرافيائي بيهڪ ۽ معيشت جي بنياد تي يوريشين ملڪن جو دنيا جو سڀ کان وڏو گروپ آهي جنهن جي عالمي جي ڊي پي 23 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعا??ن تنظيم جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جي دور ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن تي زور ڏئي انهن مشاورتن ۽ نتيجن تائين پهچڻ جو هڪ سال جو ڊگهو عمل هو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعا??ن تنظيم جي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب دوران شنگهائي تعا??ن تنظيم جي چارٽر ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل عزم جو ورجاءُ ڪيو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي زور ڏن?? ويو ته شنگهائي تعا??ن تنظيم پائيدار ترقي، امن حاصل ڪرڻ ۽ علائقائي خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ مثالي طور تي موجود آهي. اسحاق ڊار چيو ته گڏيل پڌرنامو معيشت، واپار، صنعت، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، عوام جي صحت، ثقافت، غربت جي خاتمي ۽ عورتن وغيره کي واضح ڪندڙ جامع دستاويز آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي سربراهن شنگهائي تعا??ن تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پنهنجي عزم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم به ڪيو. گڏيل پڌرنامي ۾ گڏيل ۽ قابل عمل مستقبل جي لاءِ عالمي معاشي نظام ۽ کليل ۽ شفاف نظام تي پڻ زور ڏن?? ويو. اسحاق ڊار چيو ته گڏيل پڌرنامي جا نتيجا خطي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ مستقبل جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل احترام ۽ ويجهي تعاون سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اڳواڻن جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته وفد جي سربراهن ڊبليو ٽي او جي قاعدن ۽ ضابطن جي منافي تحفظ پسند واپاري قدمن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ سان گڏوگڏ ڊبليو ٽي او جي بنياد تي قانونن تي ٻڌل ڊبليو ٽي او، غيرامتيازي کليل، برابر، جامع ۽ شفاف گهڻ رخي واپاري نظام کي مضبوط بڻائڻ تي ڪم جاري رکڻ کي اهم سمجهيو آهي. هن تحفظ پسنداڻي قدمن، هڪطرفي ۽ واپاري پابندين جي پڻ مخالفت ڪئي جيڪي گهڻ رخي واپاري نظام کي ڪمزور ڪن ٿا ۽ عالمي پائيدار ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. هن چيو ته وفدن جي سربراهن شنگهائي تعا??ن تنظيم جي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي ۽ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي گهڻ رخي واپار ۽ اقتصادي تعاون جي پروگرام تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته هن لاڳاپيل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ لاڳاپيل تعاون جي مڪينزم جي ذريعي ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پڌرنامي ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اقتصادي ترجيحن جي بنياد جي قيام جي تصور، شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي واپاري فروغ جي تنظيمن جي وچ ۾ تعاون جي تصور ۽ تخليقي معيشت جي ترقي ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي تعاون جي فريم ورڪ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. هن شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ”نئين اقتصادي ڳالهه ٻولهه“ جي ترقي ۾ تعاون جي تصور تي عملدرآمد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. اڳواڻن محدود واپار سان عالمي معيشت ۾ مختلف چئلينجن ۽ غيريقيني صورتحال تي پڻ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. شنگهائي تعا??ن تنظيم جي اڳواڻن رستن ۽ بندرگاهن جي رابطي جي پڻ آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي بئنڪ، سيڙپڪاري ۽ فنڊ جي ترقي جي لاءِ ڪوشش??ن تيز ڪرڻ تي زور ڏنو جڏهن ته سال 2025ع جي لاءِ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي بجيٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان 2025ع جي لاءِ سي ايڇ جي شنگهائي تعا??ن تنظيم جي چيئرمين جون ذميواريون روسي فيڊريشن کي ڏنيون ويون آهن ۽ ان جي صدارت جي لاءِ مسلسل ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. شنگهائي تعا??ن تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان کي اهڙي طرح جي اعليٰ سطحي اجلاس جي ميزباني جي لاءِ زبردست ڪوششون ??رڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اجلاس ۾ واپاري سرگرمين ۽ بزنس ڪائونسل بابت گذريل اجلاس جي نتيجن تي عملدرآمد جي حوالي سان عملي تعا??ن تي ڌيان ڏن?? ويو. هن چيو ته اجلاس ۾ معيشت جي مختلف امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته واپاري تعاون ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبرن جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن جي گڏيل تعاون ??ي آسان بڻائڻ جي لاءِ موجوده مڪينزم کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نئين اقتصادي مڪالمي تي تعاون جو تصور اختيار ڪي?? ويو. هن چيو ته اجلاس ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم کي وڌيڪ موثر، آپريشنل ۽ متحرڪ بڻائڻ جي لاءِ اعتدال پسندي ۽ سڌارن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اجلاس ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ڪارڪردگي، بجيٽ ۽ ان جي ميمبرن جي انگ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خطي ۽ دنيا جي امن ۽ خوشحالي تي زور ڏن?? ويو.
شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ علائقائي رابطن، واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي خوشحالي جي فروغ جي لاءِ تنظيم جي مستقبل جي رهنمائي جي لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا ۽ دستاويز منظور ڪيا ويا آهن: اسحاق ڊار ۽ ايس سي او سيڪريٽري جنرل جي گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن