اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آه?? ته رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن ??ي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آه??. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد النبي جي مناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ خطاطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو . سردار اياز صادق چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انسانيت جا محسن آه?? ۽ حضور پا?? جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آه?? . هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آه?? . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچاري، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پا?? صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آه?? .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان منعقد ڪئي وئي آه?? . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ??يم??رن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ خطاطي جا 112 فن پارا رکيا ويا آه?? جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ جي ??يم??رن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رکيا ويا آه?? جيڪي نبي ڪريم جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
رسول ڪريم صه جي درس کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي : اسپيڪر سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ