پشاور-30 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي ضلعي اپ?? دير جي علائقي پاتراڪ ميدان واري هنڌ تي ڇپُون ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ??هر ڊهي پيو جنهن سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 12 ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪيو 1122 اپ?? دير موجب پاتراڪ ۾ مسلسل تيز برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ هڪ ??هر مڪمل طور تي ڊهي پيو جنهن ۾ موجود 12 ماڻهو دٻجڻ جو اطلاع مليو. ريسڪيو 1122 ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. ريسڪيو 1122 ڊٺل گهر جي ڀنجو هيٺان ??ٻي?? 12 ماڻهن جا لاش ڪڍيا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ريسڪيو 1122 سمورا لاش ايمبولينس ذريعي اسپتال ??نتقل ڪيا جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر جي نگراني ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ