اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سميڊا بورڊ سميت اهڙا سمورا ادارا جيڪي ملڪي معيشت جي ??اء?? انتهائي اهم آهن، انهن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ فوري طور تي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اج??اس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم سميڊا بورڊ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سميڊا جي بورڊ کي فوري طور تي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي فوري مقرري جي ??اء?? ضروري قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي صدارت وزيراعظم پاڻ ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ نجي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم صنعتن ۾ سب ڪانٽريڪٽنگ کي فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستاني صنعتن کي گلوبل سپ??اء?? چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم کي سميڊا جي معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??هر??ون ڀيرو سميڊا جي ??اء?? ڊيولپمينٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 سالن جي ??اء?? 30 بلين رپيا سميڊا ڊيولپمينٽ فنڊ رکيو ويو آهي، جنهن مان 25 – 2024ع جي ??اء?? 5 بلين رپيا ڏنا ويا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت 5.2 ملين ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار موجود آهن جن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ حصو 40 سيڪڙو آهي، ملڪ ج?? 31 ??يڪڙو برآمدات ايس ايم ايز تي منحصر آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نان اگريڪلچرل ملازمن کانسواءِ 72 سيڪڙو نوڪريون ايس ايم ايز سيڪٽر مهيا ڪري رهيو آهي. ايس ايم ايز سيڪٽر ??اء?? هيستائين 491 بلين رپيا بئنڪ ڪريڊٽ جي مد ۾ فراهم ??يا ويا آهن. جيتوڻيڪ ايس ايم اي سيڪٽر جي ??اء?? بئنڪ ڪريڊٽ کي 800 ملين تائين کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. اج??اس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سميڊا سميت سڀني بورڊز جي فوري طور تي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز