اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته فا??نل ۾ شاندار اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڊگهي ترين فا??لي تي جيولين ٿرو ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر آصف علي زرداري ارشد نديم کي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته توهان پوري قوم جو فخر آهيو، ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي. صدر چ??و ته پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ تمغو کٽي توهان اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جهڙي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ارشد نديم کي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين سان نوازي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا