اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي کانپوءِ پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي درخواست ڏيندڙن جي سهولت لا??ِ 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن کان ڪوريئر ڪمپنين ذريعي اپاسٽيل سروس فراهم ڪري رهي آهي. پڌرائي مطابق ان سلسلي ۾ پشا??ر ۾ پرڏيهي وزارت جي لا??ز ان آفيس 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن ڪوريئر ڪمپنين ذريعي دستاويز وصول ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان قدم جي هڪ حصي جي طور نامزد ڪوريئر ڪمپنيون درخواست ڏيندڙن کان دستاويز جمع ڪنديون، جنهن ??عد پرڏيهي وزارت طرفان تصديق ڪئي ويندي. پشا??ر ۾ پوسٽل تصديق لا??ِ دستاويز جمع ڪرڻ جي مجاز ڪوريئر ڪمپنين ۾ ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، گير??ز، ليپرڊ ۽ اي سي ايس شامل آهن. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڪوريئر ڪمپينون پاور آف اٽرني کانسواءِ سمورا ??ستاويز قبول ڪرڻ جون مجاز آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش