شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، ٻيلن کي باهه لڳڻ کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي ??ان ڳرندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر درپيش آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت زمين جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي، حياتياتي واڌويجهه جي نق??ان ۽ آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري ??ان گڏيل ذميواري کي تسليم ڪري ٿو، موسمياتي تبديلي جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ٻيلن جي باهه کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي ??ان پگهڙجندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر درپيش آهن. هن چيو ته هلندڙ سال جي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”زمين جي بحالي، برپٽ ۾ واڌ جي مسئلي ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ“ آهي ۽ هي ڏينهن ا??ان کي ان وڏي چئلينج جي ياد ڏياري ٿو جيڪو اربين هيڪٽر زمين جي حوالي ??ان درپيش آهي جنهن ??ان دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي متاثر ٿي رهي آهي ۽ عالمي جي ڊي پي جو اڌ خطري ۾ ورتل آهي، ڳوٺاڻا علائقا، ننڍا آبادگار ۽ انتهائي غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، گرين پاڪستان پروگرام، ليونگ انڊس انيشي ايٽو، نيشنل ايڊاپٽيشن پلان جهڙن قدمن، ٻيلن جي واڍيءَ، حياتياتي واڌويجهه جي نق??ان جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي جي لاءِ ا??ان جي عزم کي واضح ڪن ٿا. هن چيو ته ڪوپ – 27 دوران پاڪستان جي موسمياتي سفارتڪاري جي ڪوششن خاص طور تي نق??ان ۽ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو ۽ عالمي ماهرن ان کي مثبت قرار ڏنو. هن چيو ته ملڪ جي اندر پاڪستان جي آءِ زيڊ، پاٿ ويز 2050 پليٽ فارم، يو اين ڊي پي ۽ عالمي بئنڪ جي مدد ??ان پائيدار ڊگهي مدي واري گهٽ ڪاربن ترقياتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهي. ان ??ان گڏوگڏ وڻڪاري جي مضبوط پروگرامن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ريچارج پاڪستان، جي ايل او ايف ۽ پائيدار لينڊ مئنيجمينٽ پروگرام (ايس ايل ايم پي) جهڙا قدم پائيدار زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ ۽ زمين جي ڪٽاءُ جي روڪٿام جي حوالي ??ان پاڪستان جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا، زميني ڏڪار، ريگستان جي ڦهلاءُ ۽ پاڻي جي کوٽ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي باوجود پاڪستان جديد طريقن ۽ گڏيل حصيداري جي ذريعي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثابت قدم آهي. وزيراعظم چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ا??ان کي پنهنجي زمينن کي بحال ڪرڻ، سوڪهڙي ??ان پيدا ٿيندڙ صور??حا?? کي منهن ڏيڻ ۽ برپٽ ۾ واڌ کي روڪڻ جي لاءِ عالمي تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ سڀني جي بهتر مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری