اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيه?? وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي تازي دوري دوران مرحوم ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪ ايران لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ايران?? قوم جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم اڳواڻن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں