اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) علي پرويز ملڪ مملڪتي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف ??رداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ کانئس حلف ورتو. حلف ??رداري جي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزي?? محسن نقوي، ناڻي واري وفاقي وزي?? محمد اورنگزيب، پارليامينٽ ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف ??عبن سان تعلق رکندڙ اهم ??خصيتن شرڪت ڪئي. علي پرويز ملڪ تازو ئي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي لاهور جي تڪ اين اي 119 تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ