اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري ن??را?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ تعليم واري وفاقي وزارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي ايف ڊي اي ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر نمائندن کان علاوه تعليم واري وزارت جي سينيئر ??مل??ارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير کي ايڇ اي سي پرائيويٽ ميمبر بل ”دي سمارٽ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (ترميمي) بل 2023ع“ جي باري ۾ بريفنگ ڏني. کيس ٻُڌايو ويو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن پاليسي تيار ڪري رهيو آهي. ڊي جي ايف ڊي اي وفاقي وزير کي ايف ڊي اي جي استادن جي تربيت جي حوالي سان به بريفنگ ڏني. مدد علي سنڌي کي هن وقت اسلام آباد ۾ ڪي??برج سسٽن تحت اي ۽ او ليول ۾ تعليم هيٺ شاگردن جي انگ جي باري ۾ ٻُڌايو ويو. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته اسلام آباد ان جو انگ تق??يب?? 6 هزار آهي. مدد علي سنڌي ايڇ اي سي ۽ ايف ڊي اي کي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ اهڙيءَ طرح جي منصوبن تي ??مل??رآمد کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ