گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن بابت موجوده بين الحڪومتي ڳالهين (آءِ جي اين) کي ”بهترين پليٽ فارم“ قرار ڏيندي چيو آه?? ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به تڪڙ يا مختلف مرحلن ۾ کنيل قدم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ جي عمل ۾ ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ پيدا ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نم??ئندي عثمان اقبال جدون سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ ڊگهي عرصي کان جاري ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ تي نم??ئندن کي خطاب ۾ چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ واڌ جي ڪنهن به نئين عمل کي نئين سر شروع ڪرڻو پوندو ۽ ان اندر چئلينجن کي مُنهن ڏيڻو پوندو جنهن جي مقصد لاءِ بين الحڪومتي ڳالهين ۾ ان کان پهرين مُنهن ڏيندو رهيو آه??. پاڪستان طرفان ان مؤقف جو ورجاءُ توسيع ٿيل سلامتي ڪائونسل جي مستقل رڪنيت لاءِ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان تي ٻَڌل گروپ آف فور جي نئين دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آه??. پاڪستاني نم??ئندي چيو ته صرف برداشت ۽ بردباري سان خيالن جي ڏي وٺ، هڪٻئي جي مؤقف کي قبول ۽ پنهنجي مؤقف تي سمجهوتو ڪرڻ سان ئي هم هم آه??گي کي وسعت ۽ انحراف کي گهٽ ڪري سگهون ٿا ۽ اهڙي طرح سڌارن لاءِ هڪ اهڙو ماڊل تيار ڪ??ي سگهون ٿا جيڪو ميمبر ملڪن کي وسيع امڪاني اڪثريت لاءِ قابل قبول هجي. هن چيو ته اسان سڀ سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نم??ئنده، وڌيڪ جمهوري، وڌيڪ شفاف، وڌيڪ اثرائتو ۽ وڌيڪ جوابده ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ اهو مقصد صرف جامع سڌارن ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو جيڪو تمام ميمبر ملڪن چاهي اهي ننڍا هجن يا وچولا يا وڏن مفادن کي نظر ۾ رکي سگهي. مختلف گروپ ۽ ميمبر ملڪن طرفان تجويز ڪيل سڌارن جي ماڊلز جو حوالو ڏيندي پاڪستاني نم??ئندي چيو ته سڌارن جي عمل کي ”ماڊلز“ تي غير متناسب ڌيان طرف وڌائڻ لاءِ ڪابه هٿرادو قدم ڌُرين جي مؤقف ۾ فرق پيدا ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن کي وڌيڪ ورهائڻ جو امڪان پيدا ڪندو ۽ نتيجو ڏيڻ جي امڪان کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏيندو. پاڪستاني نم??ئندي چيو ته يو ايف سي جو خيال آه?? ته وڌيڪ مستقل ميمبرن کي شامل ڪرڻ سان سلامتي ڪائونسل مفلوج بڻجي ويندو ۽ گڏيل قومن جي ننڍين ۽ وچولي درجي جي رياستن جي اڪثريت جي نم??ئندگي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي. ڊگهي مدتي چونڊيل نشستن لاءِ يو ايف سي جي تجويز جي حوالي سان هن چيو ته اسان گهٽ نم??ئندگي وارن علائقن مان نون چونڊيل ميمبرن جي توسيع کي علائقائي نم??ئندگي جي اصول سان ضم ٿيل ڏسون ٿا. هن چيو ته يو ايف سي آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي نم??ئندگي جي حوالي سان مسئلن تي به غور ڪ??ي سگهي ٿو. هن چيو ته جاگرافيائي بنيادن تي يورپ جي نم??ئندگي پهرين ئي وڌيڪ آه?? ۽ يورپ لاءِ وڌيڪ سيٽن جي ضرورت ناهي. هن چيو ته اضافي ۽ انفرادي مستقل سيٽن جو تصور جامع علائقائي نم??ئندگي کي ڪمزور ڪ??ي ٿي. ان جو مطلب اهو آه?? ته ڪو ملڪ صرف هڪ ڀيرو چونڊبو ۽ اهوئي مستقل طور تي ان خطي جي نم??ئندگي ڪندو، اهو اصول ان خطي جي ٻين ملڪن لاءِ ڪائونسل جو ميمبر رڪن چونڊجڻ جي موقعي کي گهٽ ڪري ڇڏيندو. ويٽو پاور جي باري ۾ پاڪستان نم??ئندي چيو ته جيڪڏهن 5 مستقل ميمبر پنهنجي مراعتن واري پوزيشن سان دستبردار نٿا ٿين ته جيترن ملڪن مطالبو ڪيو آه?? ته وڌيڪ رياستن تائين ويٽو جو حق ڏيڻ سان ع??م مساوات ۾ واڌ ٿيندي ۽ سلامتي ڪائونسل جي فيصله سازي جي عمل ۾ وڌيڪ رنڊڪون پيدا ٿينديون جيڪو آخرڪار امن ۽ سلامتي جي اهم مسئلن جي حل ۾ نيون رڪاوٽن جي شڪل ۾ آڏو اينديون. ويٽو جي طاقت کي متوازن ڪرڻ جو سڀ کان مؤثر ۽ قابل عمل طريقو سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊيل نم??ئندن جي انگ کي وڌائڻو آه??. هن چيو ته بين الحڪومتي ڳالهين ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آه?? ته ڪونسل جي ميمبرن جي انگ ۾ وڌيڪ 10 ميمبر جي واڌ تي ميمبر ملڪن وچ ۾ هم آه??گي موجود هئي ۽ يونائيٽيڊ فارڪن سنسس گروپ به ان سان اتفاق ڪيو آه??. ڪائونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقي جي باري ۾ پاڪستاني نم??ئندي چيو ته تجويز ڪيل قدمن ۾ ميمبر ملڪن کي ذيلي ادارن سان گڏ ڳالهين کي وڌيڪ غير رسمي موقعا فراهم ڪڻ يا بند اجلاسن ۽ غير رسمي مشاورت ۾ بحث هيٺ معاملن تي غير ميمبرن لاءِ وڌيڪ ڀيرا، وقت سر ۽ معلوماتي بريفنگ جو رٿڻ شامل آه??. واضح رهي ته فيبروري 2009ع ۾ شروع ٿيندڙ سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو عمل هاڻ تائين دير جو شڪار آه??. بين الحڪومتي ڳالهين جو عمل پنج ڪلسٽرز بابت آه?? جن ۾ رڪنيت جي زمري، ويٽو جو سوال، علائقائي نم??ئندگي، توسيع ٿيل، سلامتي ڪائونسل جي سائز ۽ ڪائونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۽ جنرل اسيمبلي سان ان جا لاڳاپا شامل آه??. سڌارن جي عمل ۾ ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ تي هڪ عمومي معاهدي باوجود ميمبر ملڪن وچ ۾ ان جي تفصيلن تي شديد اختلاف ڏٺا ويندا آه??. ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان تي ٻَڌل گروپ آف فور ڪ??ئونسل جي مستقل رڪنيت جا خواهشمند آه?? ۽ ان ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ وڌائي 25 تائين ڪرڻ جي مؤقف ۾ ڪنهن خدشو نه ڪيو. ان جي ڄاڻايل نَون ميمبرن ۾ 6 مستقل ۽ 4 غير مستقل ميمبر جو اضافو شامل آه??. ٻئي طرف اٽلي ۽ پاڪستان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ بابت اتحاد سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن جي انگ ۾ واڌ جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي آه??. ان گروپ ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي آه?? جيڪا مستقل نه هوندا پر ان جي رڪنيت جي مدت ڊگهي هوندي ۽ ان کي ٻيهر چونڊجي سگهجي ٿو. سلامتي ڪائونسل هن وقت 5 مستقل ميمبرن تي ٻَڌل آه?? جن ۾ برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا مستقل ميمبر آه?? جڏهن ته 10 غير مستقل ميمبر جي چونڊ ٻن سالن جي مدت لاءِ ڪئي ويندي آه??.
تڪڙ يا مختلف مرحلن ۾ کنيل قدم سلامتي ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ جي عمل ۾ ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ پيدا ڪري سگهن ٿا: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste