??وئ??ا -12 آگسٽ (اي پي پي) نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪ??ڪڙ جو تعلق بلوچستان جي ضلع قلعه سيف الله جي علائقي ڪان مهترزئي ۽ پشتونن جي نالي واري قبيلي ڪاڪڙ سان آهي، هو ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ مان انٽرميڊيٽ ۽ بلوچستان يونيورسٽي ??وئ??ا مان سوشلاجي ۾ گريجوئيشن ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پرڏيهه هليو ويو. سينيٽر انوار الحق ڪ??ڪڙ 2008ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ??وئ??ٽا سٽي مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ هو (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 2017ع ۾ نواب ثناء الله زهري جي دور م بلوچستان حڪومت جو ترجمان مقرر ٿيو. انوار الحق ڪ??ڪڙ مارچ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان آزاد حيثيت ۾ 6 سالن لاءِ سينيٽر چونڊيو جڏهن ته ساڳئي مهيني هو مسلم ليگ (ن) کان منحرف ٿيندڙ ان گروپ جو حصو بڻجي ويو جنهن بلوچستان عوامي پارٽي جي ??ني??د رکي. انوار الحق ڪ??ڪڙ بي اي پي جو مرڪزي ترجم??ن به رهيو. سينيٽر انوار الحق ڪ??ڪڙ افغانستان ۽ خطي جي حالتن تي گهري نظر رکي ٿو. هو سينيٽر طور آمريڪا، برطانيه، روس، آسٽريليا سميت يورپ جي مختلف ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي. انوار الحق ڪ??ڪڙ سينيٽ جي بچاءَ، پرڏيهي معاملن ۽ پارلياماني معاملن بابت فعال ميمبر سان گڏوگڏ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ هيومن ريسورسز جو چيئرمين رهيو. انوار الحق ڪ??ڪڙ کي مادري زبان پشتو کان علاوه انگريزي، فارسي، بلوچستان ۽ براهوي تي عبور حاصل آهي. انوار الحق ڪ??ڪڙ بلوچستان جي درپيش مسئلن تي گهري بصيرت رکي ٿو. سندس دانشوراني سوچ ۽ بصيرت سبب ملڪي اعليٰ يونيورسٽين ۽ پرڏيهي يونيورسٽين جن ۾ هارورڊ ۽ برسلز جهڙا تعليمي ادارا آهن، جن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ تجزين ۽ تجويزن جي باري ۾ بار بار گهرايو ويندو رهيو. نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪ??ڪڙ جي سفارتي ڪوششن سبب عالمي ميدان ۾ رياست جي مثبت ۽ معاون نقطئه نظر کي پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پرڏيهه ۾ رياست مخالف ڌرين طرفان ڪيل ناڪاري ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي ۽ ان جي هنرمنداڻي خطاب جي نتيجي ۾ عالمي برادري ۽ بلوچستان حڪومت جي حق ۾ پاليسين ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آيون. سينيٽر انوار الحق ڪ??ڪڙ مضبوط بلوچستان لاءِ هڪ مثبت ويزن رکي ٿو. سينيٽر انوار الحق ڪ??ڪڙ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو اڳوڻو شاگرد پڻ رهي چڪو آهي.
نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جي سياسي سفر جي باري ۾ رپورٽ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس