اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انساني حقن واري ڊويزن جي 12 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي ل??ءِ ڪل 814 م??ين رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام موجب حڪومت انساني حقن واري وارت جي جاري ترقياتي منصوبن جي ل??ءِ مجموعي طور تي 184.295 م??ين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن تحت انساني حق ??نفارميشن مئنيجمينٽ سسٽم (ايڇ آر آئي ايم ايس) جي ل??ءِ 8 م??ين رپيا، انساني حقن واري وزارت ۾ پي ايم يو قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 23 م??ين رپيا، ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن ۾ پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 5 م??ين رپيا، خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيندڙ ضلعن ۾ انساني حقن جي ذيلي آفيسون قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 19 م??ين رپيا، انساني حق ??گاهي پروگرام جي ل??ءِ 18 م??ين رپيا، انساني حق ڪوآرڊينيشن اينڊ مانيٽرنگ يونٽ جي ل??ءِ 19 م??ين رپيا، انساني حق ??يڪشن پلان تي عملدرآمد جي ل??ءِ 8.795 م??ين رپيا، انساني حقن واري وزارت جي اداراجاتي مضبوطي جي ل??ءِ 31 م??ين رپيا، اسلام آباد ۾ ٽرانس جينڊر پروٽيڪشن سينٽر جي پائليٽ پروگرام جي ل??ءِ 15 م??ين رپيا، اسلام آباد جي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي تعليم جي پائليٽ پروگرام جي ل??ءِ 10 م??ين رپيا، اسلام آباد ۾ معذور ماڻهن جي ل??ءِ سينٽر جي تعمير جي پي سي ٽو جي فزيبلٽي اسٽڊي جي ل??ءِ 7.500 م??ين رپيا جڏهن ته اسلام آباد جي ايڇ – 9 سيڪٽر ۾ چائيلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي ل??ءِ زمين حاصل ڪرڻ، فزيبلٽي اسٽڊي، ڊيزائن، بائونڊري وال جي تعمير جي ل??ءِ 10 م??ين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انساني حقن واري وزارت جي ل??ءِ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نئين اسڪيم کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين اسڪيم تحت اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي ل??ءِ چائيلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 15.705 م??ين رپيا، انساني حق ??ربيتي سينٽر قائم ڪرڻ جي ل??ءِ 114 م??ين رپيا جڏهن ته وزيراعظم جي وومين موبيليٽي/ وومين آن وهيلز بابت اسٽريٽجڪ ريفارم انيشي ايٽو جي ل??ءِ 500 م??ين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پي ايس ڊي پي تحت انساني حقن واري ڊويزن جي 12 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ ڪل 814 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔