اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انهن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، بلين ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ ب??ان ۾ هن چيو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا وڻ کائي وئي، بلين ٽري ڪرپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستان جي وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، اطلاعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽر?? کي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪستان جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪ??ڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحف?? جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بور?? کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، انهن جون عمرون ۽ انهن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن جي مدد نه ورتي وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معاملو آهي، ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ وڻن جي واڍي جو سخت نوٽيس ورتو
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش