اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو، گوادر ايئرپورٽ ۽ گوادر ب??در??اهه جي صورتحال سٺي نه آهي، ??اڪ??تان جي ترقي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي سان جڙيل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوادر جي دوري دوران مون ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي ب??در??اهه جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ مقامي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته گوادر جي ب??در??اهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تعمير جي صورتحال به ٺيڪ نه آهي، ب??در??اهه تي ڪا ڊريجنگ ناهي ڪئي وئي، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جهاز لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته گوادر يونيورسٽي ايئرپورٽ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄاڻي جو حڪم ڏ??و ويو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي سان ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ مقامي چڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena