اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلو??ست??ن کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري ۽ بلو??ست??ن جي گورنر سيد ظهور آغا سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلو??ست??ن جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صوبي جي ماضي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ لاءِ بلو??ست??ن تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت بلو??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي بلو??ست??ن پيڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. وفاقي حڪومت بلو??ست??ن کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت صوبي جي نوجوانن کي سکيا ۽ کين روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو.
وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا