اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پا??ست??ن ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير ??سئ??ي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پا??ست??ن برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ست??نين جو وڏو انگ برطانيه ۾ ترسيل آهي ج??ڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پا??ست??ني برادريءَ جي درپيش مسئلن ??ان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پا??ست??ني برادريءَ جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير پا??ست??ن ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری