اسلام آباد – 08 نومبر (اي پ?? پي) وفاقي ڪابينا برطانيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول، ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، احمد نواز سک??را کي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ، لبرٽي ايئرلائين کي چارٽرڊ اڏامن جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پ?? جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته احمد نواز سک??را سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري هوندو، لبرٽي ايئرلائين کي لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پ?? جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت ??مل?? تيار ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری