اسلام آباد – 25 آ??سٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلات جي اهم منصوبن تي ٻڌل ??اڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان کي علائقائي مينوفيڪچرنگ محور بڻائيندو ۽ اها سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ تمام پرڪشش مارڪيٽ هوندي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ ج?? ڪي او سي گورپ جي صدر فتح ڪمال ابيلي اولو سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي صورتحال لاڳيتو بهتر ٿي ??هي آهي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري سان گذريل ٽن سالن ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش هنڌ طور پاڪستان جي پوزيشن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔