اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عوام کي درپيش چئيلنجن کي منهن ڏ??ڻ ۽ جمهوريت، قومي ادارن ۽ معيشت جي مضبوطي جي لاءِ قومي اتحاد ۽ هم آهنگي ضروري آهي. ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت تي تنقيد مخالف ڌر جو حق آهي تن??ن هوندي به مخالف ڌر کي ترقياتي عمل ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي، اسان کي هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ نه گهرجي پر پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهيون، ڪاميابي اسان جو مقدر ۽ منزل ويجهو آهي جيڪڏهن اسان ان ئي جذبي تحت پنهنجو سفر جاري رکون ته ڪجهه عنصر اسان جي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿا وجهي سگهن.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea