ابوظھبي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل ??رب امارات پاڪستان ۾ ڪراچي هوائي اڏي ويجھو روڊ تي ٿيل دھشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني شھري فوت جڏھن ته ڪجهه بيگناھه ماڻھو زخمي ٿي?? آھن. پرڏيھي خ??بر?? اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل ??رب امارات جي پرڏيھي وزرات طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته گڏيل ??رب امارات اهڙين مجرماڻين ڪارروائين جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پھچائڻ جي مقصد جي ھر قسم جي تشدد ۽ دھشتگردي کي مستقل طور رد ڪري ٿو. ??رب امارات جي پرڏيھي وزارت پاڪستاني حڪومت ۽ عوام، چين جي حڪومت ۽ عوام ۽ ان دھشتگردي واري واقعي ۾ فوت ٿيلن جي گھرڀاتين سان دلي تعز??ت ۽ همدردي جو اظھار ڪيو ۽ سمورن زخمين جي جلد صحتياب?? لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن