اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان ??اڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستا?? افغانستان جي معاشي بهتري، انساني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو قطر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سان ??لاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملاقات دورا?? افغانستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ??وقعي تي قطر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ??وقعي تي چيو ته پاڪستا?? افغانستان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان ??اڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان ??زيراعظم زور ڏنو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني ??حر??ن جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستا?? افغانستان جي امداد انساني ريليف ۽ معاشي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته اها افغانستان جي عوام سان ??ڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سان گڏيل مفاد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان ??وقعي تي قطر جي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان سان ??نهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.
پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے