اسلام آباد – 27 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيندي چي?? آهي ته اسان کي ويهي ڳالهين سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، موجوده صورتحال جي گهرج آهي ته ڀارت عقل ۽ حڪمت عملي کان ڪم وٺي ڇو ته ٻئي ملڪ جهڙي طرح هٿيارن سان ليس آهن، ڪنهن غلط اندازي جي سٽ نٿا سگهي سگهن، ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو ته صورتحال قابو ۾ نه رهندي، ڀارت کي ٻڌايو آهي ته اسان ڪارروائي ڪ??ڻ جي صلاحيت رکون ٿا، هو هتي اچي ڪ??رروائي ڪ??ي سگهن ٿا ته اسان به ڪري سگهون ٿا. سرڪاري ٽيلي ويزن تي قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم گذريل ڏينهن پيدا ٿيندڙ صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندي چي?? ته اسان پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت کي آڇ ڪئي ته اسان ڪنهن به قسم جي جاچ جي لاءِ تيار آهيون.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو