قاهره- 29 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۽ مصر هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل طور تي غزه پٽي ۾ جاري ويڙهه روڪڻ ، فوري جنگ بندي ۽ متاثر ماڻهن تائين امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آ??ي. العربيه مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آ??ي ته مملڪت غزه پٽي ۾ ويڙهه روڪڻ ، فوري جنگ بندي ۽ متاثر ماڻهن تائين امداد جي فراهمي کي ا??لين ترجيح ڏئي ٿي. هن قاهره ۾ پنهنجي مصر جي هم منصب سامح شڪري سان پريس ڪانفرنس ۾ چيو آ??ي ته مملڪت علائقائي مسئلن تي مصر سان گڏيل سهڪار جي خواهشمند آه??. هن عالمي برادري طرفان فلسطينين کي ملندڙ اجتماعي سزا روڪرائڻ لاءِ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو. سند?? چوڻ هو ته اسرائيل طرفان فلسطينين کي ملندڙ اجتماعي سزا ڏ??ڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. اسرائيل فلسطينين جي حوالي سان عالمي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آ??ي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير غزه ۾ فوري ۽ جامع جنگبندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو.
سعودي عرب ۽ مصر طرفان غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ امداد جي فراهمي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا