رياض -26 سيپٽمبر (اي پ?? پي) سعودي ولي عهد وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان مملڪت جي پ??اڙي علائقي السوده ۾ لگزري پ??اڙي سياحت جو نئون چهرو متعارف ڪرائڻ لاءِ ??نص??بي جي ماسٽر پلان جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق پروجيڪٽ تحت سعودي عرب جي بلند ترين چوٽي تي هڪ لگزري سياحت ماڳ قائم ڪيو ويندو. اهو السوده جي علائقي ۽ رجال المع جي ڪجهه حصن تائين وسيع هوندو. ??نص??بي جو مقصد سمنڊ جي سطح کان 3 هزار 15 ميٽر اوچي پ??اڙ جي بلند ترين چوٽي تي لگزري پ??اڙي فرنٽ تيار ڪرڻ آهي. ان رٿا سان سعودي ويزن 2030ع جو هدف پڻ حاصل ٿيندو ۽ سياحتي ۽ تفريحي شعبي کي هٿي ملندي. مجموعي قومي يپداوار ۾ 29 ارب ريال کان وڌيڪ جو اضافو ٿيندو. سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪرين جا هزارين نوان موقعا پي??ا ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس