اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته هر اداري کي پنهنجي دائري ڪار ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي، وفاداريون تبد??ل ڪندڙ پارٽين سان وفادار ناهن ته ملڪ ۽ قوم جا وفادار ڪيئن رهندا. پارليامينٽ ۾ جيڪڏهن اسان ڇڪتاڻ ڪنداسين ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا. پارليامينٽري رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪن??ي قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق چيو ته 1977ع کانپوءِ موجوده دور ۾ سڀ کان اهم قانونسازي ٿي آهي، 2013ع کان 2018ع تائين مل?? جي 14 هين قومي اسيمبلي 136 بل منظور ڪيا ۽ 49 نوان قانون بڻايا، انهن ۾ سڀ کان اهم قانونسازي قرآن پا?? جي لازمي تعليم جو بل آهي، ان کانسواءِ اليڪشن ايڪٽ، ڄاڻ تائين پهچ سميت ٻي اهم قانونسازي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha