ڪراچي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ج?? وفاقي وز??ر سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته امجد صابري امن ۽ محبت جو جيڪو ڏيئو روشن ڪيو ان کي وسامڻ نه ڏينداسين. هن اها ڳالهه وز??راعظم ??حم?? نواز شريف جي هدايت تي ناليواري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي عيادت ۽ بعد ۾ شهيد امجد صابري جي گهرڀاتين سان ??ات??ه خواني کانپوءِ صحافين س??ن ڳالهائيندي چئي. امجد صابري شهيد جي رهائشگاهه ٻاهران صحافين س??ن ڳالهائيندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته هو وز??راعظم ??حم?? نواز شريف پاران امجد صابري جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آيو آهي. وفاقي وز??ر چيو ته امجد صابري پيار ۽ محبت جو آواز هو ۽ سندس شهادت شر جي قوتن پاران خير جي قوت تي حملو آهي. هن چيو ته جتي هر پاڪستاني امجد صابري جي شهادت سبب ڏک ۾ ورتل آهي، انهن اهو عزم به ڪيو آهي ته منفي قوتن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
امن جي ڏيئي کي وسامڻ نه ڏينداسين: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena