ڊهاڪا -01 (اي پي پي ) بنگلاديش جي گادي واري هنڌ ڊهاڪا ۾ 7 منزله عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 43 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ درجني زخمي ٿي پيا آهن . فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب ڊيپارٽمنٽ جي اهلڪار محمد ش??اب ٻڌايو ??ه باهه گذريل رات ساڍي 9 وڳي ڊهاڪا جي بيلي روڊ جي هڪ مشهور برياني ريسٽورنٽ ۾ لڳي ۽ تيزي سان مٿي واري منزل تائين پک??ڙجي وئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهون ڦاسي پيا هن چيو ته فائر فائٽرز ٻن ڪلاڪن ۾ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو جڏهن ته 75 ماڻهن کي زندهه بچايو ??يو بنگلاديش جي صحت واري وزير سمانتا لال سين ڊهاڪا ميڊيڪل ڪالج اسپتال ۽ ان جي برن يونٽ جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو ته باهه لڳڻ س??ب هيل تائين 43 ڄڻا اجل جو شڪار 40 زخمي ٿي پيا آهن زخمين کي شهر جي مرڪزي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ??يو آهي. بيلي روڊ جي ان عمارت ۾ بنيادي طور تي ريستورنن جي سان ڪپڙن ۽ موبائل فون جا ڪيترا ئي دڪان آهن .
بنگلاديش ۾ 7 منزله عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 43 ڄڻا اجل جو شڪار ،40 ڄڻا زخمي ٿي پيا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ