بغداد-27 ڊسمبر (اي پي پي) عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ??ناري نصب ٿيل بم جي ڌماڪي ۾ 2 ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح مارجي ويا آهن. چيني خابرو اداري عراقي فوج جي حوالي سان ٻڌايو ته عراقي ??يڪيورٽي فورسز کي ٻن ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح جا لاش مليا آهن جيڪي اولهندي عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ??ناري نصب ڪيل بم جي ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا. هن ٻڌايو ته مارجي ويل سياح سياحتي ويزا حاصل ڪري عراق ۾ داخل ٿيا هئا ۽ ٽنهي صوبن ??لا??بار، صلاح الدين ?? نينوي تائين پکڙيل وسيع ريگستان ۾ شڪار جي سفر دوران گم ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ عراقي ??يڪيورٽي فورسز گم ٿيل سياحن جي ڳولا لاءِ ريگستان ??لا??بار ۾ وڏي پئماني تي ??ولا ڪئي ۽ انهن جا سڙيل لاش هٿ ڪيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي ثبوتن مان پتو پئجي ٿو ته متا??رن جي گاڏي دهشتگردن طرفان رستي ??ناري نصب ڪيل هڪ پراڻي بم سان ٽڪرائجي وئي هئي.
عراق ۾ رستي ڪناري ڌماڪي سبب 3 سياح مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار